Khadim Hussain AKF
Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Khadim Hussain AKF, Health/Beauty, Miskeen Colony Site Area Kotri, Hyderabad.
13/10/2025
عملي ڪم ۽ معذورن جي تعليم ۽ انهن ۾ شعور پيدا ڪري کين زندگين ۾ آساني پيدا ڪري ۽ انهن کي انهن جي بنيادي حقن بابت معلومات فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ معذورن کي مايوسي جي دلدل مان ڪڍي بهترين زندگي گذارڻ جي راھ ڏيکارڻ اسان جو منشور آهي اسين انهن معذورن کي ٻڌائڻ ٿا چاهيون جيڪي سمجهندا آهن ته معذوري دنيا جو وڏي ۾ وڏو عيب آهي ۽ معذور انسان ڪجھ به نٿو ڪري سگهي
ته نه هڪ معذور انسان اهيو ڪجھ ڪري سگهي ٿو جيڪو عام انسان شايد نه ڪري سگهي صرف ۽ صرف همت ۽ حوصلي جي ضرورت آهي توهان پنهنجي اندر جي معذور کي ڪڍي ڇڏيو
۽ پنهنجي دماغ جو صحيح استعمال ڪيو ڇو ته اصل معذوري جسماني نه پر دماغي هوندي آهي
پاران : الخادم فائونڊيشن
10/10/2025
الخادم فائونڊيشن
پاران پنهنجي مدد پاڻ تحت
معذور ۽ نياڻين کي مفت تعليم ۽ IT
سکيا ڏني پئي وڃي جنهن ۾ هن وقت 80 کان پلس مصعوم ٻار زير تعليم آهن اسين سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن ۽ هتان جي وس وارن کي گذارش ٿا ڪريون ته هن عمل ۾ اسان جو ڀرپور ساٿ ڏئي پنهنجي وس آهر اسان جي سهائتان ڪري پنهنجي حصي جو فرض ادا ڪن ته جيئن ڪوبه معذور ۽ نياڻي تعليم کان محروم نه رهي
پاران :- الخادم فائونڊيشن
ضلع ڄامشورو
08/10/2025
پياري دوست
صحافي ادريس پهنور ۽ سندس ساٿين سان گهاريل ياد لمحا
07/10/2025
ڪو وقت به ايندو او ساٿي
هر خواب حقيقت ٿي ويندو
معذورن جي تعليم ۽ تربيت لاء
مان ۽ منهنجا ساٿي 2 سالن کان
الخادم فائونڊيشن
جي پليٽ فام تي پنهنجي مدد پاڻ تحت ميدان عمل ۾ آهيون
الخادم فائونڊيشن
جو مقصد وسيع آهي
۽ ان مقصد جي حاصلات جي اميد ۽ جذبو اسان جي دلين ۾ آهي
اسين چاهيو ٿا ته ڪوبه معذور تعليم کان محروم نه رهي معذورن کي تعليم ڏيڻ سان گڏوگڏ انهن کي انهن جي بنيادي حقن بابت به ڄاڻ ڏني وڃي ته جيئن اهي پاڻ کي معذور ۽ مجبور سمجهڻ بجاء پنهنجي معذوري کي هٿيار بڻائي ان جو صحيح استعمال ڪن
26/09/2025
گذارش
سائيٽ ايريا ڪوٽڙي مسڪين ڪالوني وارڊ نمبر 10 ۾
گذريل 2 سالن کان معذور ۽ نياڻين کي مفت تعليم ٽيڪناولجيل سکيا هنري سکيا ۽ انهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ لاء
الخادم فائونڊيشن
پنهنجي مدد پاڻ تحت
مسلسل ميدان عمل ۾ سرگرم آهي
جنهن وٽ فرنيچر اسٽيشنري سولر سسٽم سان گڏوگڏ ڪافي بنيادي سهولتن جي کوٽ آهي ۽ انهن وٽ هن وقت تائين انهن جي سهائتا ڪرڻ ۽ انهن جي حوصلا افزائي ڪرڻ لاء ڪي به سرڪاري يا غير سرڪاري ادارا يا هتان جا چونڊيل نمائيندا ۽ سرمائيدار ناهن پهتا
اسين
هتان جي سمورن انسان دوست سياسي سماجي وس وارن ۽ انسانيت سان پيار ڪندڙ نيڪ نيت دوستن کي گذارش ٿا ڪريون ته اچو
الخادم فائونڊيشن
جي هنن معذورن جو ساٿ ڏئي پنهنجي حصي جو فرض ادا ڪري هن اداري کي اڳتي وڌائڻ ۾ اسان جا هٿ مضبوط ڪريو
پاران :- الخادم فائونڊيشن
رابطي لاء
03147408523
22/09/2025
ڪردار بهترين هجي ته.
تعارف جي ضرورت ناهي پوندي❤️
17/09/2025
پياري دوست نادر کوسو جون محبتون
الخادم فائونڊيشن*
۽ ان جو باهمت، باحوصلو، بي لوث *خادم حسين ساند*
اُهو نالو، جيڪو هر وقت ضرورت مند جي مدد لاءِ اڳيان هوندو آهي.
*الخادم فائونڊيشن جو مقصد رڳو خدمتون نه، پر انسانيت جي خدمت آهي.*
۽ *خادم حسين ساند* اُن جو سچو علم بردار آهي!
*محنت، جذبو، خلوص ۽ بي لوث خدمت* —
اهي لفظ خادم حسين ساند جي شخصيت جي سڃاڻپ آهن.
هو رڳو ڪم نٿو ڪري، هو ماڻهن جي دلين ۾ اميد جا ڏيئا ٻاري ٿو.
*الخادم فائونڊيشن جي هر قدم ۾ عوام لاءِ سوچ، پيار ۽ خدمت جو جذبو آهي.*
اسان فخر سان چئون ٿا:
*خادم حسين ساند – عوام جو خادم، دِل جو راجا آهي !*
پاران نادر کوسو سماجي ورڪر
الخادم فائونڊيشن
جي پليٽ فام تان ۽
هينڊز ILC طرفان
هڪ نياڻي کي مليل ڏاج جو سامان
11/09/2025
Click here to claim your Sponsored Listing.
Category
Website
Address
Hyderabad

11/09/2025
11/09/2025