Doctor Ghaffar
Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Doctor Ghaffar, Health/Beauty, Karachi.
17/06/2025
پاڪستان پاران پنهنجن نيوڪليئر تنصيبن ۽ ايران سان لڳندڙ سرحد ويجهو ڀاري ايئر ڊفينس سسٽم ۽ فائٽر جهاز تعينات ڪري ڇڏيا آهن
پاڪستان حڪومت جي هاءِ الرٽ قدم، خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي پس منظر ۾ کنيا ويا آهن.
اسرائيل پاران ايران جي نيوڪليئر تنصيب تي حملي پاڪستان کي هڪ ڏکي ۽ دٻاءُ واري صورتحال ۾ وجهي ڇڏيو آهي. هڪ پاسي اسانجو اسلامي ڀائيچاري وارو ملڪ ايران آهي، جيڪو هر عالمي فورم تي اسان جي حمايت ڪندو رهيو آهي. ٻي پاسي آمريڪا آهي، جنهن سان اسان آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ جي قرضن ذريعي مالي طور جڪڙيل آهيون. جيڪڏهن اها صورتحال مڪمل جنگ ۾ تبديل ٿي وئي، ته پاڪستان کي هڪ پاسي چونڊڻي پوندي.
منهنجي راءِ موجب، پاڪستان کي چين ۽ روس سان گڏجي ايران جي حمايت ڪرڻ گهرجي. ڇو ته جيڪڏهن ايران کي ڪمزور ڪيو ويو، ته اسرائيل جو ايندڙ حدف شايد پاڪستان جو نيوڪليئر پروگرام ٿي سگهي ٿو، جتي انڊيا ۽ آمريڪا گڏجي حملي جي ڪوشش ڪري سگهن ٿا.
ان ڪري ايران جي حمايت ڪرڻ رڳو اسلامي جذبي جو اظهار ناهي، پر قومي سلامتي ۽ حڪمت عملي جو تقاضو آهي.
ٻئي طرف وچ اوڀر جا ملڪ جيئن ته قطر، اردن، ۽ بحرين، جيڪي آمريڪا کي فوجي بنيادون ڏئي چڪا آهن، اُهي سڌي يا اڻ سڌي ريت اسرائيل جي مدد ڪري رهيا آهن. مثال طور، سوال اُٿيو آهي ته اسرائيلي فائٽر جهاز 1500 کان 2000 ڪلوميٽر پري اسٽرائيڪ بغير ريفيولنگ ڪيئن ڪري سگهيا؟ رپورٽن موجب، قطر جي هڪ فوجي بيس تي آمريڪن فيولنگ جهاز اسرائيلي مشن جي مدد ڪئي.
ان کان علاوه، اردن – جيڪو پاڻ اسلامي ملڪ آهي – ايران جا ڊرون ۽ ميزائيل سسٽم اسرائيل پهچڻ کان اڳ ئي تباهه ڪري رهيو آهي. اها ڳالهه اسلامي اتحاد جي کلي نفي آهي ۽ اهڙن ملڪن جي منافقت ظاهر ڪري ٿي، جن جي مدد آمريڪا ۽ اسرائيل کلي ڪري رهيا آهن.
ٽيڪنيڪي طور تي، جيڪڏهن ايران 60 سيڪڙو يورينيم انريچمينٽ تي وڃي ٿو، ته هو گهٽ ۾ گهٽ 15 ائٽم بم تيار ڪري سگهي ٿو. پر اسرائيل چئي چڪو آهي ته هو نه رڪندو. اسرائيلي قيادت واضح طور اعلان ڪيو آهي ته ٻي لهر ۾ به حملا جاري رهندا، جيستائين ايران جي نيوڪليئر صلاحيت مڪمل طور تي ختم نه ڪئي وڃي.
ان مان چٽي طور سمجهي سگهجي ٿو ته اسرائيل مڪمل جنگ جي تياري ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ هو آمريڪا، برطانيا ۽ ٻين مغربي اتحادن کي به شامل ڪرڻ چاهي ٿو. پاڪستان کي هاڻ انتهائي سمجھداري سان، پر واضح فيصلي سان اڳتي وڌڻ گهرجي.
17/06/2025
ڊاڪٽر جي زال جو آپريشن ٿيڻو هو، سندس مڙس ڊاڪٽر پاڻ اهو آپريشن پيو ڪري ،آپريشن ٿيٽر ۾ ٻه نرسون به ڊاڪٽر جي مدد لاءِ بيٺيون هيون، ڊاڪٽر انجيڪشن ھڻي زال کي بي هوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر زال تي ڪو به اثر نه ٿيو، پوءِ ڊاڪٽر ڪلوروفارم سنگھائي کيس بي هوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هوءَ بيھوش نه ٿي. اهو ڏسي ڊاڪٽر ڏاڍو پريشان ٿي ويو، پنهنجي مڙس (ڊاڪٽر) کي پريشان ڏسي زال چيو: ”جيستائين هي ٻئي ڏانئڻيون تو وٽ ھتي آهن، مان ڪڏهن به بي هوش نه ٿيندس“ 🤣
Soatr Mujahid Hussain way to Saudi Arabia
Click here to claim your Sponsored Listing.
