Darmaan tv
03453852073
ڪراچي بار جي چونڊن ۾ عامر نواز وڙائچ 2 هزار 63 ووٽ کڻي صدر چونڊجي ويو
11/07/2026
واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي سخت خبردار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن ايران سندس قتل يا قتل جي ڪوشش ڪندو ته آمريڪا فوري ۽ فيصلائتي فوجي ڪارروائي ڪندو.
ٽرمپ سوشل ميڊيا تي دعويٰ ڪئي ته ايران ڏانهن هڪ هزار ميزائل تيار حالت ۾ آهن، ۽ جيڪڏهن مٿس حملو ٿيو ته آمريڪا هزارين وڌيڪ ميزائلن سان جواب ڏيندو. هن وڌيڪ چيو ته آمريڪي فوج هر قسم جي ڪارروائي لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي.
ٻئي طرف آمريڪي نيوز اداري ايگزيئوس موجب آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ايندڙ هفتي ڳالهين جو امڪان آهي، جڏهن ته ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته ايران جنگبندي معاهدي تحت پنهنجا سڀ واعدا پورا ڪيا آهن، پر آمريڪا معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي.
10/07/2026
سنڌ ۾ نجي اسڪولن جي فيسن ۾ واڌ خلاف سخت ڪارروائي جو اعلان
سنڌ حڪومت صوبي ۾ نجي اسڪولن پاران فيسن ۾ غيرقانوني واڌ ۽ اضافي چارجز وٺڻ تي سخت نوٽيس وٺندي خبردار ڪيو آهي ته ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ اسڪولن جي رجسٽريشن معطل يا منسوخ ڪئي ويندي.
ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل پرائيويٽ انسٽيٽيوشنز سنڌ، پروفيسر رفيعه ملاح، سڀني نجي اسڪولن جي سربراهن کي جاري ڪيل مراسلي ۾ چيو آهي ته کاتي کي شڪايتون مليون آهن ته ڪجهه اسڪول منظور ٿيل ٽيوشن فيس کان وڌيڪ رقم ۽ لڪل اضافي چارجز وصول ڪري رهيا آهن، جيڪو قانون جي کلي ڀڃڪڙي آهي.
مراسلي موجب، رجسٽريشن اٿارٽي جي اڳواٽ منظوري کان سواءِ ٽيوشن فيس کان علاوه ڪنهن به قسم جي اضافي فيس وصول ڪرڻ منع آهي. خلاف ورزي ڪندڙ ادارن خلاف جرماني سميت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
اسڪول انتظاميا کي هدايت ڪئي وئي آهي ته صرف منظور ٿيل فيس ئي وصول ڪئي وڃي، ان جا تفصيل اسڪول جي نوٽيس بورڊ ۽ ريسپشن تي نمايان لڳايا وڃن ۽ والدين جي گهرج تي ان جي ڪاپي پڻ فراهم ڪئي وڃي.
پروفيسر رفيعه ملاح وڌيڪ چيو آهي ته جيڪڏهن ڪو اسڪول لڪل يا اضافي چارجز وصول ڪندي پڪڙيو ويو ته ان جي رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ کي معطل يا منسوخ ڪرڻ سميت سخت قانوني قدم کنيا ويندا.
ان کان علاوه، سڀني غير رجسٽرڊ ۽ غيرقانوني اسڪولن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته 15 ڏينهن اندر آن لائن رجسٽريشن لاءِ درخواست جمع ڪرائين. حڪومت واضح ڪيو آهي ته مقرر ڪيل معيارن تي پورو نه لهندڙ اسڪولن کي رجسٽريشن نه ڏني ويندي، جڏهن ته اهڙن اسڪولن کي بند ڪرائي شاگردن کي ويجهن رجسٽرڊ اسڪولن ۾ داخل ڪرايو ويندو.
#سنڌ #تعليم #والدين
ڪراچي: مشهور سنڌي گلوڪار طفيل سنجراڻي جو اسپتال مان ويڊيو بيان..!!
مشهد ۾ شهيد آيت الله علي خامنه اي جي تدفين
مشهد ۾ لکين سوگوارن جي موجودگي ۾ شهيد آيت الله علي خامنه اي جي جنازي نماز ادا ڪرڻ کان پوءِ وصيت موجب کين امام رضاؑ جي روضي جي احاطي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. جنازي ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ عقيدت جو اظهار ڪيو.
#ايران #مشهد
”🌹 سبحان الله 🌹“
چانڊڪا نرسنگ انتظاميا جاچ ۽ قانوني ڪارروائي جو مطالبو ڪري ڇڏيو
سوشل ميڊيا تي طفيل سنجراڻي بابت غلط افواه پکيڙيندڙن بابت طفيل سنجراڻي جو پٽ جذباتي ٿي ويو.
بابا جي طبيعت سڌرندڙ آهي سنڌ واسين کي دعائن جي اپيل ڪيون ٿا
لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي 1 ارب 55 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ سالياني بجيٽ پيش ڪئي آهي : چيئرمين اعجاز لغاري
#سنڌ
Click here to claim your Sponsored Listing.
