Village Dreha Sukkur

Village Dreha Sukkur

Share

ڳوٺ جي بنيادي حق ڀلائي لاء آواز اٿارڻ لاء ھي پيج ٺاھيو آھي سڀئي دوست بنا فرق جي ساٿ ڏين

08/09/2022

سنڌ ۾ بغاوت جنم وٺي رهي آهي. ڇا سنڌ ڪو مقبوضہ علائقو آهي، جتي ماڻهن کي اڪيلو مرڻ لاءِ ڇڏي ڏنو ويو آھي؟
گذريل رات ڊان ٽي وي تي اھم گفتگو.

07/09/2022

ٿوري وقت ۾ ايڏي وڏي مقدار ۾ کاڌو تيار ڪري اگر سڄي سکر واسين کي کارايو وڃي ھان تڏهن بـ اڌ کاڌو بچي ھان ,حيرت جھڙي اھا ڳالھ آھي ت ايڏو کاڌو تيار ٿيو نـ ڪي ماڻھن کاڌو آ نـ ڪنھن اکين سان ڏٺو ۽ ھيٺ سکر ضلع جي ڪاغذي ڪاروائي ۾ سرڪاري خرچ ڏسو ڇا ٿو چئي ,افسوس سان چوڻو پوي ٿو ايتري برسات ٻوڏ سبب اٻوجھ ماروئڙا متاثر ٿيا آھن سو ساڳيو بک ۽ تڪليف ۾ زندگي گذارن ٿا ۽ سرڪاري آفيسرن ڪامورن کي جٿان وارو لڳي ٿو گھٽ نـ ٿا ڪن رڳو پنهنجا گھر ڀرن ٿا !

07/09/2022

سکر ضلع ۾ ڏنل صحت کاتي طرفان 32000 ٻٽيھ ھزار مھارون مڇر دانيون نيون ڏنيون ويون ,افسوس پر ڊي ايڇ صاحب سکر قسم کڻي چئي ٿو مھارون يا مڇردانيون مونکي ناھن مليون , ھاڻي خبر ناھي سائين جن اھي ڪھڙي ڪتب آنديون !

Photos from Village Dreha Sukkur's post 30/08/2022

سنڌ ۽ بلوچستان ۾ برسات جي تباھين سبب غريب مسڪين لاچار ماڻهو پريشان زندگي مفلوج گذارڻ تي مجبور
آھن, سو ائين مان ڳالھ ڪندم پنهنجي ڳوٺ ڊيھا جي جيڪو يوسي نصيرآباد ۴١ نيو تعلقـ سکر ۾ اچي ٿو, ڳوٺ ۾ رھندڙ ڳوٺ واسين جو تمام گھڻو نقصان ٿيو آھي ڪچا پڪا گھر ڪري پيا جن ۾ ڪجھ ڳوٺاڻا زخمي بـ ٿيا آھن, کليل آسمان ھيٺان ڳوٺ واسي زندگي گذارڻ تي مجبور, روڊ رستا گھٽيون پاڻيء جي تلائڻ جو ڏيک ڏين ٿا, قبرستان اسڪولن ۾ گوڏي کان مٿي پاڻي بيھي رھيو آھي, پر انتظاميا يا چونڊيل نمائندن ھن مھل تائين ڪو اپاء نـ ورتو آھي نـ ڳوٺ واسين جي مالڪي واھر ڪئي آھي خدارا غريب مسڪين بي پھچ ڳوٺ جي برسات متاثرن جي بنا فرق مدد ڪئي وڃي !

24/07/2022

اسلام عليڪم سڀني گروپ جي ميمبرن کي اسان وليج ڊيھا تي ڀليڪار چئون ٿا تـ ھي ڳوٺ جي حقن لاء آواز ڳوٺ جا اشوز گڏ کڻي ھلڻ ۽ پاڻ ۾ ڪمينيوڪيشن لاء آھي دوستن کي گذارش ڪيون ٿا ھن گروپ ۾ سڀ دوست ڀرپور ساٿ ڏيندا ۽ ڪوئي دوست بدنظمي فرقيواريت يا ڪنهن جي دل آزاريء واري پوسٽ شئير نـ ڪندو جنهن سان ڪا بدنظمي ٿئي گروپ ۾ مھرباني ڪري سڀ دوست گروپ جي ضابطن قائدن جو خاص خيال رکندا ۽ خلاف ورزي ڪندڙ دوست کي بنا وارننگ جي ريموو ڪيو ويندو مھرباني !

Want your business to be the top-listed Beauty Salon in Sukkur?
Click here to claim your Sponsored Listing.

Category

Website

Address

Village Dreha Taluka New Sukkur Men Shikarpur Road
Sukkur